گلڻ ڄام ڏاهري

گلڻ ڄام ڏاهري : رئيس گلڻ ڄام ڏاهري، نوابشاهه ضلعي جو هڪ اهم زميندار ٿي گذريو آهي. هي رئيس سردار جان محمد ڏاهريءَ جو فرزند هو ۽ سال 1901ع ۾ ڳوٺ سردار رضا محمد ڏاهري، تعلقي دولتپور ۾ پيدا ٿيو. هن دولتپور مان سنڌي فائنل پاس ڪئي. ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جو ميمبر رهيو ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ به وڙهيو ۽ اها صوبائي سيٽ ٻن تعلقن: موري ۽ سڪرنڊ تي مشتمل هئي. رئيس گلڻ ڄام يونين ڪائونسل دولتپور جو چيئرمئن رهيو. ماڻهن جا بي ريا فيصلا ڪندو هو. علائقي جي ماڻهن ۾ سندس وڏو اثر رسوخ هو ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ خاص دلچسپي رکندو هو. کيس پنهنجي زمينداري به هئي، جنهن جي سار سنڀال خود ڪندو هو. وڏو اوطاقي، مهمان نواز ۽ راڄ ڀاڳ سان پيار ڪندڙ شخص هو. رئيس گلڻ ڄام ڏاهريءَ، 8 جولاءِ 1971ع تي جمعي جي رات وفات ڪئي، کيس سندس ڳوٺ ڀرسان شاهه حسين قبرستان ۾، شاهه حسين جي روضي جي دروازي وٽ دفن ڪيو ويو.


لفظ گلڻ ڄام ڏاهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.07.08  عيسوي

رئيس گلڻ ڄام ڏاهريءَ، 8 جولاءِ 1971ع تي جمعي جي رات وفات ڪئي، کيس سندس ڳوٺ ڀرسان شاهه حسين قبرستان ۾، شاهه حسين جي روضي جي دروازي وٽ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين بخش سخيراڻي
شاهه اسماعيل صفوي
ايوب خان
سيد معشوق علي شاهه دهلوي
ايشور ڀارتي
رمضان جت
ديوان گوبند بخش
عبدالغفور بسمل ڊاڪٽر
ابو دلف
حاجي عبداللطيف شاهه قادري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون